خيبر ايجنسي جي مختلف علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز جي جيٽ جهازن جي بمباري جي نتيجي ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا

خيبر ايجنسي جي مختلف علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز جي جيٽ جهازن جي بمباري جي نتيجي ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا ۽ 15 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته بمباري ۾ دهشتگردن جي 7 ٿاڪن کي به تباهه ڪيو ويو.

ذريعن موجب، خيبر ايجنسي جي ٿيرا ماٿري جي مختلف علائقن ۾ سڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن تي جيٽ جهازن جي ذريعي بمباري ڪري ڏني.

ذريعن جو چوڻ آهي ته بمباري جي نتيجي ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا، جن ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جا دهشتگرد شامل آهن.

فورسز جي بمباري جي نتيجي ۾ 15 کان وڌيڪ دهشتگرد پڻ زخمي ٿي پيا، جڏهن ته دهشتگردن جي 7 ٿاڪن کي پڻ تباهه ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*