برطانيا ۽ ڏکڻ آفريقا جي سرزمين دهشتگرديءَ لاءِ استعمال ٿيڻ افسوسناڪ آهي, وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار

Ch-Nisar---DG-Rangers-Sindh-26717

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته برطانيا ۽ ڏکڻ آفريقا جي سرزمين دهشتگرديءَ لاءِ استعمال ٿيڻ افسوسناڪ آهي، ڊي جي رينجرز وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سان فون تي رابطو ڪري برطانيا ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ موجود دهشتگرديءَ جي نيٽ ورڪس سان تعلق رکندڙ ماڻهن جي گرفتارين بابت بريفنگ ڏني، چوڌري نثار برطانيا ۽ ڏکڻ آفريقا آڏو معاملو اٿارڻ لاءِ ڊي جي رينجرز کي دهشتگردي جي پرڏيهي نيٽ ورڪس بابت ريفرنس تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

ڊي جي رينجرز ميجر جنرل محمد سعيد وفاقي گهرو وزير سان فون تي رابطو ڪري، برطانيا ۽ ڏکڻ آفريقا جي نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل گرفتار ڪيل جوابدارن جي گرفتاري بابت بريفنگ ڏني.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار ٽارگيٽ ڪلرز جي نيٽ ورڪ جا اهم جوابدار گرفتار ڪري ثبوت هٿ ڪرڻ تي ڊي جي رينجرز جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي.

وفاقي گهرو وزير ڊي جي رينجرز کي هدايت ڪئي ته برطانيا ۽ ڏکڻ آفريقا مان ٽارگيٽ ڪلرز جو نيٽ ورڪ هلائيندڙن بابت، تفصيلي ريفرنس تيار ڪري گهرو وزارت کي موڪليو وڃي جيئن لاڳاپيل ملڪن آڏو معاملو اٿاري سگهجي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*