ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس تي حملن جي واقعن بعد شهر جي اهم سگنلز تي رينجرز جا اهلڪار مقرر ڪرڻ جو فيصلو

Rangers-Sindh-01-26717

ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس تي حملن جي واقعن بعد شهر جي اهم سگنلز تي رينجرز جا اهلڪار مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، رينجرز جا اهلڪار ٽريفڪ جي اهلڪارن کي تحفظ فراهم ڪندا.

ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس اهلڪارن جي ٽارگيٽ ڪلنگز جي واقعن کانپوءِ شهر جي اهم سگنلز تي رينجرز اهلڪارن کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ٽريفڪ اهلڪارن جي حفاظت لاءِ رينجرز اهلڪار مقرر ڪيا ويندا، جيڪي ٽريفڪ اهلڪارن جي حفاظت ڪندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته رينجرز پوليس اهلڪارن تي حملو ڪندڙ جوابدارن جو پتو لڳائي ڇڏيو آهي، کين جلد گرفتار ڪيو ويندو.

رينجرز ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽريفڪ پوليس اهلڪارن کي سڪيورٽي ڏني ويندي، اهم سنگل تي ٽريفڪ اهلڪارن سان گڏ هڪ رينجرز اهلڪار مقرر ڪيو ويند، ٽريفڪ پوليس اهلڪار دهشتگردن جو آسان هدف آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*