لاڙڪاڻي جي نور ڪالوني جي هڪ سال کان بجلي بند هئڻ خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

larkana-Map05-8

لاڙڪاڻي جي نور ڪالوني جي هڪ سال کان بجلي بند هئڻ خلاف رهواسين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

نور ڪالوني جي رهواسين عزيزالله ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري وڳڻ روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته هڪ سال کان ڪالوني جي بجلي بند هئڻ ڪري اسان گرمي جي عذاب کي منهن ڏئي رهيا آهيون.

هنن چيو ته چار مهينا اڳ سيپڪو عملدار ڪالوني جو  ٽرانسفارمر به لاهي کڻي ويا آهن.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته نور ڪالوني جي بجلي جلد بحال ڪري اسان کي پريشانين کان بچايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*