وارھه ۽ ميرپورماٿيلي ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ ڳرا بل موڪلڻ خلاف شهرين ۽ مختلف تنظيمن پاران شٽربند هڙتال ڪري ڌرڻا هنيا ويا

warha hartal

وارھه ۽ ميرپورماٿيلي ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ ڳرا بل موڪلڻ خلاف شهرين ۽ مختلف تنظيمن پاران شٽربند هڙتال ڪري ڌرڻا هنيا ويا.

وارهه ۾ دڪاندار اتحاد جي سڏ تي شهرين ڪاروبار بند رکي ضلعي ڪائونسل جي ميمبر طارق حسين چانڊيو ۽ نياز حيدري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري شهيد فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻو هنيو.

مظاهرين چيو ته سيپڪو عملدار ڄاڻي واڻي شهر ۾ 16،16 ڪلاڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري شهرين ڏانهن ڳرا بل به موڪلين ٿا.

هنن چيو ته هٿرادو لودشيڊنگ سبب ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن، مسلسل احتجاج ڪرڻ باوجود ڪو به عملدار ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي.

شهرين حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ايس ڊي او سيپڪو ٻين عملدارن کي هٽائي هٿرادو لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.

ميرپورماٿيلو ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ واڌو بل موڪلڻ خلاف علي نواز جلباڻي ۽ زاهد ميراڻي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن علامتي بک هڙتال ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته سيپڪو عملدار شهر ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ هٿرادو لودشيڊنگ ڪري شهرين ڏانهن واڌو بل موڪلي رهيا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته شهر مان هٿرادو لوڊشيڊنگ جو سلسلو ۽ واڌ بل ختم ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*