وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته مان چاهيان ٿو ته ڪراچي جي هر شهري کي هر روز 20 گيلن پاڻي ملڻ گهرجي

cm ijlas

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته مان چاهيان ٿو ته ڪراچي جي هر شهري کي هر روز 20 گيلن پاڻي ملڻ گهرجي، لياري ٽائون جي آبادي 10 لک هئڻ ڪري20 ملين گيلن پاڻي جي ضرورت آهي.

ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ آر او پلانٽس بابت اجلاس ٿيو، اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته ڪراچي جي شهرين کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ حڪومت ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي.

اجلاس ۾ وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي آگاهه ڪيو ويو ته 12 آر او پلانٽ ڪياماڙي ۽ 6 لياري ٽائون ۾ لڳايا ويا آهن.

بريفنگ ۾ چيو ويو ته هاڻي پاڻي سمنڊ مان وٺڻ جو بندوبست ڪيو پيو وڃي، ان لاءِ آر او پلانٽ نظام کي اپگريڊ ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ بريفنگ ڏيندي چيو ويو ته لياري جا آر او پلانٽ گنجائش تحت ڪم ڪري رهيا آهن، پلانٽ لاءِ ڪجهه پاڻي جي کوٽ آهي.

اجلاس ۾ صوبائي وزير ڄام خان شورو،محمد علي ملڪاڻي، صوبائي سيڪريٽرين ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*