نوابشاهه ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن نوڪري جو آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

nawabshah nts pro

نوابشاهه ۾ اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن نوڪري جو آرڊر نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

پي ايس ٽي، ايڇ ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي جو امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن فقير رحيم بخش، طاهر عباس، سفر سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته 2 هزارکان وڌيڪ خالي جاين تي 12 سئو اميدوارن کي نوڪرين جاآرڊر ڏنا ويا،پرکين ٽيسٽ پاس ڪرڻ باوجود نوڪري نه ڏني وئي.

  هنن چيو ته سندن پٽيشن تي سنڌ هاءِ ڪورٽ خالي پوسٽن تي کين نوڪريون ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو، پر 180 سيٽون خالي هئڻ باوجود آرڊر نه پيا ڏنا وڃن، جيڪا ساڻن زيادتي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته خالي پوسٽن تي کين نوڪريون ڏنيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*