اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ احتساب ڪميشن سخت ادارو هوندو

nasir shah

اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ احتساب ڪميشن سخت ادارو هوندو،ڪرپشن ڪندڙ قانون کان بچي نه سگهندا، نيب قانون کي ختم ڪرڻ ۽ نئون احتسابي ادارو ٺاهڻ صوبي جو آئيني حق آهي، جيڪو آئيني حق استعمال ڪيو ويو آهي.

سنڌ اسيمبلي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر حسين شاهه چيو ته پ پ چاهي ٿي ته ميان صاحب کي ادارن سان ٽڪراءَ ڪرڻ بدران استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، ڪورٽ کي اپيل آهي ته محفوظ ڪيل فيصلو جلد ٻڌائي.

هن چيو ته پيپلزپارٽي هميشه جهموريت جي مضبوطي جي ڳالهه ڪئي آهي، سورٺ ٿيٻو  معزز ميمبر هئڻ سان گڏ منهنجي ڀيڻ به آهي، جيڪڏهن منهنجي ڪنهن ڳالهه تان کيس ڪو ڏک پهتو آهي ته مان معافي وٺان ٿو.

ناصر شاهه چيو ته سنڌ ۾ نئين سياسي اتحاد سان پ پ تي ڪو به فرق نه پوندو، اسان جي پارٽي پهرين ئي وڌيڪ مقبول آهي.

هن چيو ته پي ايس 114 جو نتيجو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته عوام پيپلزپارٽي سان گڏ آهي، ٻوڏ واري امڪاني صورتحال کان آگاهه آهيون، وڏي وزير ان سلسلي ۾ اجلاس به گهرايو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*