ڪراچي جي احتساب عدالت سرڪاري زمين غيرقانوني طريقي سان الاٽ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي 7 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي

atc

ڪراچي جي احتساب عدالت سرڪاري زمين غيرقانوني طريقي سان الاٽ ڪرڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي 7 آگسٽ تائين ملتوي ڪئي وئي، عدالت روپوش جوابدار نور محمد جو ريفرنس ۾ شامل ٻين جوابدارن کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي.

عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران نيب پاران چيو ويو ته جوابدارن پاڻ ۾ ملي ڀڳت ڪري 77 ايڪڙ زمين فرضي نالن تي الاٽ ڪرڻ بعد وري ڄاڻايل زمين مختلف ماڻهن جي نالن تي منتقل ڪيو آهي.

نيب چيو ته جوابدارن سرڪاري زمين تي سوسائٽيون ٺاهي عوام کي لٽي رهيا آهن، قومي خزاني کي اربين روپين جو نقصان پهچايو ويوآهي.

عدالت ٻين جوابدارن جي وڪيلن جي غيرموجودگي سبب ڪيس جي ٻڌڻي 7 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

سرڪاري زمين الاٽ ڪرڻ واري ريفرنس جي ٻين جوابدارن ۾ اڳوڻو ڊسٽرڪٽ روينيو آفيسر الله بچايو چانڊيو، اڳوڻو ڊسٽرڪٽ روينيو آفيسر حيدرآباد علي اڪبر هنڱورو، اڳوڻو ڊي ڊي او روينيو بن قاسم ٽائون شوڪت حسين، صابر حسين ۽ ٻيا شامل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*