لاڙڪاڻي ۾ پوليس خوشحال خان خٽڪ ٽرين تي ڇاپو هڻي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري 3 هزار گوليون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي

ssp larkana

لاڙڪاڻي ۾ پوليس خوشحال خان خٽڪ ٽرين تي ڇاپو هڻي ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري 3 هزار گوليون هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ايس ايس پي ساجد امير سدوزئي چيو ته گرفتار جوابدار ٽرين ذريعي هٿيار ڏوهارين کي وڪرو ڪندا رهيا آهن.

ايس ايس پي ساجد اميد سدوزئي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پوليس خوشحال خان خٽڪ ٽرين تي ڇاپو هڻي جوابدار شيرخان عرف اصغر جتوئي، نثار کوسو ۽ خان جتوئي کي گرفتار ڪري 3 هزار گوليون هٿ ڪيون آهن.

هن چيو ته گرفتار ڏوهارين اعتراف ڪيو آهي ته هو 5  کان 7 ڀيرا هٿيار ڏوهارين کي هٿيار وڪرو ڪري چڪا آهن.

ايس ايس پي ساجد امير سدوزئي چيو ته جوابدار ڪراچي مان هٿيار لاڙڪاڻي کڻي ايندا هئا، جتي وري شير خان هٿيار ڏوهارين کي فراهم ڪندو هو، ان سلسلي ۾ وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*