بدين جي مدر چائلڊ ڪيئر سينٽرجي انتظاميا ڳورهاري عورت کي داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

badin delevery

بدين جي مدر چائلڊ ڪيئر سينٽرجي انتظاميا ڳورهاري عورت کي داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عورت رڪشا ۾ ٻار کي جنم ڏنو، عورت جي وارثن پاران انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويوآهي.

ڳوٺ لال چانگ جي رهواسڻ ڳورهاري عورت مسمات خانزادي چانگ زال ممتاز چانگ کي ويم لاءِ مدر چائلڊ سينٽر آندو ويو، پر سينٽر جي انتظاميا عورت کي داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

عورت خانزادي کي واپس نيڻ جي تياري ڪئي پئي وئي   ته  هن اسپتال ٻاهران  رڪشي  اندر ٻار کي جنم ڏنو.

بعد ۾سينٽر جو عملو معاملي کي لڪائڻ لاءِ فوري طور تي عورت کي سينٽر اندر  کڻي ويو.

عورت جي وارثن سينٽر جي انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي صحت کاتي جي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو فوري طور نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*