ايف بي آر پاران ٽيڪس ريٽرنز جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن

fbr

ايف بي آر پاران ٽيڪس ريٽرنز جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، وزيراعظم ميان نوازشريف 25 لک 23 هزار ۽ شهباز شريف 95 لک 21 هزار ٽيڪس ادا ڪيو آهي.

ايف بي آر پاران جاري ڪيل تفيصلن موجب، وزيراعظم نوازشريف 25 لک 23 هزار رپيا ٽيڪس ادا ڪيو آهي، جڏهن ته پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف 95 لک 21 هزار ٽيڪس ادا ڪيو آهي.

ايف بي آر موجب، تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان هڪ لک 39 هزار، قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه هڪ لک 59 هزار ٽيڪس جمع ڪرائي.

ايف بي آر جي ڪيل تفصيلن موجب، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار 39 هزار، جماعت اسلامي جي امير سراج الحق 34 هزار ٽيڪس جمع ڪرائي.

ايف بي آر موجب، جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان 50 هزار رپيا ادا ڪيا، جڏهن ته سينيٽر روزخان ڪاڪڙ سڀ کان وڌيڪ 4 ڪروڙ رپيا ٽيڪس ڀريندڙ پارليامنٽيرن ۾ شامل آهي.

ٻي طرف ناڻي واري وزير اسحاق ڊار چيو ته مون 2016ع ۾ 46 لک 17 هزار رپيا ٽيڪس ادا ڪيو، جڏهن ته شهباز شريف 95 لک 31 هزار 60 رپيا ٽيڪس ادا  ڪيو آهي………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*