سپريم ڪورٽ مان پاناما ڪيس جو فيصلو اچڻ کانپوءِ هو وزارت ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو،وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان

Ch-Nisar-27717

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته سپريم ڪورٽ مان پاناما ڪيس جو فيصلو اچڻ کانپوءِ هو وزارت ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو، معاملا ڳنڀير ٿي ويا آهن، سياست تان دل کڄي ويو آهي.

 اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران چوڌري نثار علي خان چيو ته مون ڪيتريون ئي پريس ڪانفرنس ڪيون آهن پر هي سڀني کان مشڪل پريس ڪانفرنس آهي، هي پريس ڪانفرنس منهنجي جان لاءِ عذاب بڻجي وئي آهي.

هن چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران ان جيڪو ڪجهه چيو هو ان ۾ ڪجهه ڳالهيون صحيح طريقي سان ٻاهر ويون جڏهن ته ڪجهه جو تاثر غلط ڏنو ويو، مان ڪنهن کان ناراض ناهيان ٿيو.

سندس چوڻ هو ته  هو ۳۵ سالن کان مسلم ليگ ن ۽ ان جي قيادت سان گڏ آهي، نواز شريف ۽ ن ليگ سان گڏ پنهنجي سموري زندگي داءُ تي لڳائي پر ڪڏهن به پوئتي نه ڏٺم .

شيخ رشيد کي مخاطب ڪندي چوڌري نثار چيو ته ٻيون ٽرينون ان کي مبارڪ، هو ڪنهن ٻي ٽرين جي سواري ناهي، جڏهن کان سياست جي شروعات ڪئي  ان وقت کان هڪ ئي ٽرين تي ويٺل آهي.

چوڌري نثار چيو ته ۳۳ سالن کان هر ميٽنگ ۾ موجود رهيو آهي، گذريل هڪ مهيني دوران کيس ۳ ميٽنگز لاءِ گهرايو ويو پر اهم ترين مشاورتي اجلاس ۾ نه گهرايو ويو ۽ هو بنا گهرائڻ جي ڪٿي به ناهي ويندو.

گهرو وزير چيو ته فوج سان ويجهڙائپ جي حوالي سان مٿس تمام گهڻا الزام لڳا، ان جو خانداني پسمنظر فوجي آهي ۽ ان کي ان تي فخر آهي.

سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جو پاناما ڪيس تي فيصلو چاهي نواز شريف جي حق ۾ هجي يا خلاف هو قومي اسيمبلي جي ميمبرشپ ۽ وزارت ڇڏي ڏيندو هو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*