ملڪ جي سڀ کان وڏي پاناماڪيس جو فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندو

Panama-Case-27717

ملڪ جي سڀ کان وڏي پاناماڪيس جو فيصلو سڀاڻي ٻڌايو ويندو، سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته 5 رڪني لارجر بينچ ساڍي يارهين وڳي ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندي، سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني عملدرآمد بئنچ جي آءِ ٽي جي رپورٽ تي ٻڌڻين بعد21  هين جولاءِ تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو هو.

سپريم ڪورٽ پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته، پاناما ڪيس جي عملدرآمد بئنچ پاران محفوظ ڪيل فيصلو سڀاڻي ساڍي يارهين وڳي ٻڌايو ويندو، فيصلو سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر بئنچ ٻڌائيندي.

پاناما ڪيس جو فيصلو ٻڌائيندڙ جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ قائم بئنچ ۾ جسٽس گلزار،جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس اعجاز افضل ۽ جسسٽس عظمت سعيد شيخ شامل آهن.

پاناما ڪيس جي ٻڌڻي ڪندڙ سپريم ڪورٽ جي لارجر بئنچ 20 اپريل تي ڪيس جو پهريون فيصلو ٻڌايو هو.

لارجر بئنچ جي ٻن ججن جسٽس آصف سعيد کوسا ۽ جسٽس گلزار احمد وزيراعظم کي پهرين فيصلي ۾ نااهل قرار ڏنو هو، جنهن بعد  جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ پاناما مامري جي وڌيڪ جاچ ڪرڻ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم جوڙڻ جو حڪم ڏنو هو.

جي آئي ٽي 60 ڏينهن ۾ پاناما مامري جي مختلف پاسن کان جاچ ڪري 10 جولائي تي رپورٽ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني عملدرآمد بئنچ آڏو رپورٽ پيش ڪئي هئي، جنهن تي عملدرآمد بئنچ سمورين ڌرين جي وڪيلن جو موقف ٻڌڻ بعد 21 هين جولاءِ تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو هو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*