آءِ جي سنڌ سمورن ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز کي هدايت ڪئي آهي ته مسجدن، امام بارگاهن ۽ درگاهن سميت اهم جاين جي سيڪيورٽي سخت ڪري چيڪنگ وڌيڪ سخت ڪئي وڃي

Ig-Sindh-AD-Khuwaja-17317

آءِ جي سنڌ سمورن ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز کي هدايت ڪئي آهي ته مسجدن، امام بارگاهن ۽ درگاهن سميت اهم جاين جي سيڪيورٽي سخت ڪري چيڪنگ وڌيڪ سخت ڪئي وڃي.

آءِ جي سنڌ جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾  چيو ويو آهي ته، اي ڊي خواجا سڄي سنڌ ۾ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

آءِ جي سنڌ سمورن ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز کي جاري ڪيل هدايتن ۾ چيو آهي ته، صوبي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وڃي، خاص طور تي جمعي ڏينهن سمورين درگاهن، مسجدن، امام بارگاهن ۽ اهم هنڌن تي سيڪيورٽي سخت ڪري پوليس جو گشت وڌايو وڃي.

آءِ جي چيو آهي ته مسجدن خاص طور تي درگاهن تي واڪ ٿرو گيٽس کي فوري طور تي آپريشنل بڻائي هر درگاهه جي رضاڪارن سان گڏجي عام ماڻهن جي جهڙتي وٺڻ بعد اچڻ ڏنو وڃي……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*