نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز چيو آهي ته هڪ چونڊيل وزيراعظم کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو آهي

mariyam tweet

نواز شريف جي ڌيءُ مريم نواز چيو آهي ته هڪ چونڊيل وزيراعظم کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو آهي، پر وڏي طاقت ۽ حمايت سان نواز شريف کي واپس آڻيندا.

سماجي ويب سائيٽ تي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ مريم نواز چيو ته نون ليگ جا ڪارڪن ثابت قدم رهن تمام جلد وزيراعظم واپس ايندو.

نواز شريف جي ڌيءُ چيو ته هڪ ٻي چونڊيل وزيراعظم کي گهر ڀيڙو ڪيو ويو آهي.

نون ليگ اڳواڻ ۽ ڪارڪنن کي مضبوط رهڻ جو پيغام ڏيندي مريم نواز چيو ته تمام جلد وڏي قوت ۽ حمايت سان نواز شريف کي وزيراعظم جي عهدي تي واپس آڻيندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*