پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته نوازشريف جي نااهلي باوجود مسلم ليگ پاڪستان جي سياست ۾ اڳ کان وڌيڪ مضبوطي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندي

rana sana ullah

پنجاب جي قانون واري وزير راڻا ثناءَ الله چيو آهي ته نوازشريف جي نااهلي باوجود مسلم ليگ پاڪستان جي سياست ۾ اڳ کان وڌيڪ مضبوطي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.

هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي راڻا ثناءَ الله چيوته نواز ليگ ڪنهن به ڪارڪن کي ڪنهن به قسم جي احتجاج ڪرڻ جو حڪم ناهي ڏنو، صرف ڪارڪنن کي صبر ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

هن چيو ته نواز ليگ جي ليڊر نوازشريف ئي رهندو ۽ اها 20 ڪروڙ عوام جي عدالت مان سرخرو ٿيندو.

پنجاب جي قانون واري وزير چيو ته نوازشريف جي نااهلي باوجود نواز ليگ پاڪستان جي سياست ۾ اڳ کان وڌيڪ مضبوط ڪردار ادا ڪندي.

هن چيو ته پارٽي ۾ ڪو به شخص وزيراعظم جو اميدوار نه آهي، نوازشريف جنهن جو نالو وٺندو اهو ئي وزيراعظم ٿيندو…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*