پاناما ليڪس فيصلي ۾ وزيراعظم نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ بعد پيدا ٿيندڙ ملڪي صورتحال بابت بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پيپلز پارٽي جي سي اي سي جو مشاورتي اجلاس جاري آهي
پاناما ليڪس فيصلي ۾ وزيراعظم نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ بعد پيدا ٿيندڙ ملڪي صورتحال بابت بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ پيپلز پارٽي جي سي اي سي جو مشاورتي اجلاس جاري آهي.
بلاول هائوس ڪراچي ۾ بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه، اعتزاز احسن، يوسف رضا گيلاني، قائم علي شاهه، نويد قمر، فرحت الله بابر، رحمان ملڪ ۽ پ پ جا ٻيا سينئر اڳواڻ شريڪ آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ پاناما ليڪس ڪيس جي فيصلي بعد پيدا ٿيندڙ صورتحال بابت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي پئي وڃي.
پيپلز پارٽي جي سي اي سي جي اجلاس ۾ موجوده ملڪي صورتحال بابت لائحه عمل جوڙيو ويندو.