وارھه ۾ مختلف شاخن جي پڇڙي جي آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو

warah iggreation pro

وارھه ۾ مختلف شاخن جي پڇڙي جي آبادگارن پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.آبادگارن جو چوڻ هو ته شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب هزارين ايڪڙ تي بيٺل فصل سڪي سڙي ويو آهي.

آبادگارن حڪيم ٻگهيو، سرتاج چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري آبپاشي عملدارن خلاف  نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته وارهه تعلقي ۾ پناشاخ، حامدشاخ، نصير شاخ، نواب شاخ ۽ تنيامائنر سميت ٻين شاخن جي پڇڙي ۾ پاڻي نه پيو پهچي جنهن ڪري بيٺل فصل سڪي رهيا آهن.

هنن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب ساريالو ٻيجارو سڙي رهيو آهي، جنهن سان آبادگارن کي نقصان ٿيڻ جو خدشو  آهي.

هنن الزام هنيو ته آبپاشي عملدار منڍ جي آبادگارن کي رشوت عيوض پاڻي وڪرو ڪري ڪرپشن جي بازار کي گرم ڪري رهيا آهن.

احتجاج ڪندڙن  مطالبو ڪيو ته شاخن جي پڇڙي تائين پاڻي فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*