ٺل ۾ ناري مورزادي سرڪي جي اغوا واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ نينگري فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ سندس وارثن احتجاج ڪيو

thull

ٺل ۾ ناري مورزادي سرڪي جي اغوا واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري ۽ نينگري فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ سندس وارثن احتجاج ڪيو.

ناري مور زادي سرڪي وارثن  الهڏنو ۽ گل حسن سان گڏجي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

هنن چيو ته پوليس ناري مورزادي جي اغوا واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مسلسل احتجاج ڪري رهيا آهيون پر اڃا تائين  ڪو به کڙ تيل نڪتو آهي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته جوابدارن جي گرفتاري کي يقيني بڻائي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

ٻئي طرف  نينگري فضلا سرڪي جي بازيابي لاءِ سندس والد عبدالرزاق سرڪي ۽ وهاب بنگلاڻي  جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

 عبدالرزاق سرڪي چيو ته ڌي فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ پوليس توڙي چونڊيل نمائندن واعدا ڪيا پر نياڻي بازياب ٿي نه سگهي آهي.

هن چيو ته اغوا ڪيس ۾ ملوث جوابدار ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن پر پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته نينگري فضيلا سرڪي کي بازياب ڪرائي ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*