سپريم ڪورٽ پاران نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ تي پي ٽي آءِ سموري ملڪ ۾ جشن ۽ شڪراني جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي

imran khan

سپريم ڪورٽ پاران نواز شريف کي نااهل قرار ڏيڻ تي پي ٽي آءِ  سموري ملڪ ۾ جشن ۽ شڪراني جو ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي، پي ٽي آءِ سربراهه عمران  ايندڙ آچر تي اسلام آباد جي پريڊ گرائونڊ تي جلسي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اڄ نئين پاڪستان جو بنياد رکجي ويو آهي ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي مان ثابت ٿي ويو آهي ته طاقتور جو احتساب ٿي سگهي ٿو.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته اڄوڪي فيصلي تي هو سپريم ڪورٽ کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو، جي آءِ ٽي ميمبر قوم جا هيرو آهن.

هن چيو ته اڄ اميد پيدا ٿي آهي ته ترقي يافه ملڪن وانگر اڳتي وڌي سگهون ٿا ۽ عدليا چاهي ته طاقتور جو احتساب ٿي سگهي ٿو ۽ چوري جو پسئو پرڏيهه مان واپس اچي سگهي ٿو.

      پي ٽي آءِ سربراهه چيو ته اڄ شروعات ٿي آهي باقي وڏا چور به پڪڙيا ويندا، ملڪ ۾ به قابن هئڻ سبب ملڪ ترقي نه پيو ڪري .

    عمران چيو ته ماضي ۾ جڏهن آصف زرداري وزير اعظم هائوس ۾ هوندو ته ان تي ڪيس نه ٿيندو هو ۽ جڏهن وزير اعظم هائوس مان نڪرندو هو جيل هليو ويندو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*