سينيئر سياستدان جاويد هاشمي چيو آهي ته عدالتي فيصلن تي تبصرو ڪرڻ اسان جو حق آهي

javed hashmi

سينيئر سياستدان جاويد هاشمي چيو آهي ته عدالتي فيصلن تي تبصرو ڪرڻ اسان جو حق آهي، پاناما فيصلي جا اثر ملڪي معيشيت تي به پوندا.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد هاشمي چيو ته ايندڙ 8 يا 10 سالن اندر جج پاناما فيصلي کي ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائي ڇڏيندا.

هن چيو ته مون عمران خان کي چيو هو ته هن ڀيري نوازشريف کي سپريم ڪورٽ گهر اماڻيندي.

سينيئر سياستدان چيو ته عدالتن جي فيصلن تي تبصرو ڪرڻ اسان جو حق آهي.

 جاويد هاشمي چيو ته پاناما فيصلي جا اثر  اسان جي ملڪ جي معيشيت تي به پوندا…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*