اسلام آباد جي سينئر سول جج جي عدالت چوڌري شگر ملز جي رڪارڊ ۾ ٽيمپرنگ واري ڪيس ۾ ايس اي سي پي جي اڳوڻي چيئرمين ظفر حجازي کي

zafar hajazi

اسلام آباد جي سينئر سول جج جي عدالت چوڌري شگر ملز جي رڪارڊ ۾ ٽيمپرنگ واري ڪيس ۾ ايس اي سي پي جي اڳوڻي چيئرمين ظفر حجازي کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو.

ايف آءِ اي پاران 7 ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ بعد ايس اي سي پي جي اڳوڻي چيئرمين ظفر حجازي کي سينئر سول ڪورٽ جي عدالت ۾ ٻيهر پيش ڪيو، ايف آءِ اي پاران ظفرحجازي کي وڌيڪ جسماني رمانڊ ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي.

ايف آءِ اي عدالت کي چيو ته جوابدار کان رڪارڊ ٽيمپرنگ بابت وڌيڪ جاچ ڪرڻي آهي،ان لاءِ وڌيڪ جسماني رمانڊ ڏني وڃي.

عدالت ايف آءِ اي جي جسماني رمانڊ واري استدعا رد ڪندي جوابدار ظفر حجازي کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو.

عدالت ايس اي سي پي جي اڳوڻي چيئرمين ظفر حجازي کي اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*