عمرڪوٽ ۾نوجوان طالب نُهڙي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف نُهڙي ۽ سَمان برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو

umerkot map

عمرڪوٽ ۾نوجوان طالب نُهڙي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف  نُهڙي ۽ سَمان برادري جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو.

کوکڙا پار ٿاڻي جي حد ڳوٺ سيهنراج نُهڙي ۾ قتل ٿيل طالب نُهڙي جي وارثن ۽ سمان برادري جي ماڻهن جميل نهڙي، ارباب، ايوب ، سراج احمد نهڙي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 5 ڏينهن گذرڻ باوجود کوکڙا پار پوليس نوجوان طالب نُهڙي جا قاتل گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

 هنن چيو ته قتل ڪيس ۾ حاميد سميجو، روشن، لکمير سميت 5جوابدار نامزد آهن، گهرو وزير جي هدايتن باوجود پوليس هڪ به جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته ٻن ڏينهن اندر قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ ڊي آءِ جي ميرپوخاص جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*