عمرڪوٽ ۽ ڀر وارن علائقن ۾ زوردار برسات سبب هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهي ويو آهي

umerkot barsat

عمرڪوٽ ۽ ڀر وارن علائقن ۾ زوردار برسات سبب هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهي ويو آهي، جڏهن ته فصل کي پڻ نقصان رسيو آهي.

عمرڪوٽ، ڇور، نيو ڇور، ڍورو نارو ۾12 ڪلاڪن تائين لاڳيتي وسڪاري سان هيٺانهين وارن علائقن ۾پاڻي بيهي ويو آهي.

جڏهن ته برساتي پاڻي بيهڻ جي ڪري مرچن ۽ وونڻن جي فصل کي نقصان پهچي رهيو آهي.

آبادگارن جو چوڻ آهي ته فصل ۾ برسات جو پاڻي گهڻو وقت بيهڻ جي صورت ۾ مرچن جو فصل مڪمل طورتباهه ٿي ويندو ۽ وونڻن جي فصل کي پڻ ڪاپاري ڌڪ رسڻ جو خدشو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*