شڪارپور ۾ مقتول نوجوان بابو بروهي جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءَ سندس وارثن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

shikarpur babu brohi ahtjaj

شڪارپور ۾ مقتول نوجوان بابو بروهي جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءَ سندس وارثن ۽ سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ذوالفقار بروهي ۽ علي شير بروهي جي اڳواڻي ۾ مقتول نوجوان جي وارثن ۽ مختلف تنظين جي ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري رستم چوڪ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته 3 مهينا گذرڻ باوجود نيو فوجداري پوليس مقتول بابو بروهي جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪري نه سگهي آهي،جوابدار سرعام گهمي رهيا آهن.

مقتول نوجوان جي وارثن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته نوجوان بابو بروهي جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ 15 ڏينهن بعد ٻيهر قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*