ٽنڊي ڄام ويجهو کُليل ڦاٽڪ تي ريل جي ٽڪر ۾2 ماڻهو فوت ٿي ويا

Tando-Jam-Map-28417tandoi

ٽنڊي ڄام ويجهو کُليل ڦاٽڪ تي ريل جي ٽڪر ۾2 ماڻهو فوت ٿي ويا، ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته ڦاٽڪ کليل هئڻ جي ڪري حادثا معمول بڻيل آهن.

مريد سپيو  ڦاٽڪ وٽ پنجاب کان ڪراچي ويندڙ ذڪريا ايڪسپريس موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾پورهيت ساجن نوداڻي ٿڏي تي فوت ٿي ويو.

جڏهن ته ساڳئي روٽ تي ڄام شاخ ويجهو ريلوي ڪراسنگ تي ريل گاڏي  موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو، جنهن جي نتيجي ۾ جهڻ موري جو رهواسي سجاد سولنگي زخمي ٿي پيو، جنهن کي اسپتال نيو پئي ويو ته هو رستي ۾ فوت ٿي ويو.

واضع رهي ته  مريد سپيو ڦاٽڪ کُليل هجڻ جي ڪري سال کن اڳ مزدورن سان ڀريل مزدا کي ٽرين ٽڪر هنيو هو، جنهن ۾ 11ماڻهو فوت ٿي ويا هئا.

ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته کليل ڦاٽڪ تي حادثا معمول بڻيل آهن، جنهن ۾ڪجهه سالن اندر 50 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

هنن مطالبو ڪيو ته کليل ڦاٽڪ تي دروازا لڳائي عملو ويهاريو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*