هٽڙي غلام شاهه مان هڪ مهينو اڳ مبينا اغوا ٿي ويل نينگر شهزادو ڪلهوڙي جي بازيابي لاءِ سندس وارثن لاڙڪاڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو

larkana ahtjaj

هٽڙي غلام شاهه مان هڪ مهينو اڳ مبينا اغوا ٿي ويل نينگر شهزادو ڪلهوڙي جي بازيابي لاءِ سندس وارثن لاڙڪاڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.

نينگر جي وارث عورتن والده مسمات جميلا ڪلهوڙو ۽ مسمات فريده ڪلهوڙي جي اڳواڻي ۾ پاڪ ڪتاب کڻي پريس پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

احتجاج ڪندڙ عورتن چيو ته هٽڙي غلام شاهه مان هڪ مهينو اڳ نينگر شهزادي کي اغوا ڪيو ويو آهي پر حد جي پوليس اسان سان سهڪار نه ڪري رهي آهي.

 هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته نينگر شهزادي ڪلهوڙي کي بازياب ڪرائي اسان کي انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*