قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه اپوزيشن جماعتن جي اڳواڻن سان ٽيليفون تي رابطا ڪري گڏيل اجلاس گهرائڻ بابت ڳالهيون ڪيون آهن

khursheed shah

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه اپوزيشن جماعتن جي اڳواڻن سان ٽيليفون تي رابطا ڪري گڏيل اجلاس گهرائڻ بابت ڳالهيون ڪيون آهن.

خورشيدشاهه، شاهه محمود قريشي، آفتاب شيرپائو ۽ پرويز الاهي سان رابطو ڪري گڏيل اجلاس گهرائڻ بابت ڳالهيون ڪيون آهن.

ذريعن موجب خورشيد شاهه پاران ٽيليفون رابطو ڪرڻ بعد اپوزيشن جو گڏيل اجلاس اڱاري تائين گهرائڻ جو امڪان آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته خورشيد شاهه جماعت اسلامي جي امير سراج الحق سان به ٽيليفون تي رابطو ڪري گڏيل طور وزيراعظم جو اميدوار آڻڻ بابت پڻ ڳالهيون ڪيون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*