باڊھه ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران شھر جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ بک هڙتال ڪئي وئي

badah STP AHTJAJ

باڊھه ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران شھر جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ بک هڙتال ڪئي وئي.

ڪامريڊ قادر بروهي ۽ اصغر نوناري جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته شھر ۾ گذريل ڪيتري عرصي کان ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو ويو آهي، ڪروڙين روپين جا فنڊ ھڙپ ڪيا ويا آھن .

هنن چيو ته شھر ۾ 16 کان 18 ڪلاڪ بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ ۽ مختلف پاڙن جا سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ سبب عوام عذاب ۾ مبتلا آھي.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته شهر جا بنيادي مسئلا حل ڪري لوڊشيڊنگ جو سلسلو به ختم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*