ٺل ۾ ايس يو پي پاران ميونسپل ڪاميٽي ۾ مبينا ڪرپشن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

thul sup ahtjaj

ٺل ۾ ايس يو پي پاران ميونسپل ڪاميٽي ۾ مبينا ڪرپشن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

آصف ٻرڙي ۽ سليم جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙن چيو ته ميونسپل جي عملي ڊرينيج جي تلائن ۾ لڳل بجلي جا ٽرانسفارمر، موٽرون ۽ ٻيو سامان وڪرو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ڪري گندگي جا ڍير لڳل آهن.

 هنن مطالبو ڪيو ته معاملي جي جاچ ڪرائي ملوث آفيسرن ۽ ملازمن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*