دادو ۾ بجلي جون تارون ڪرڻ ۽ وولٽيج گهٽ وڌٿيڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو

dadu wapda khilaf protestدادو ۾ بجلي جون تارون ڪرڻ ۽ وولٽيج گهٽ وڌٿيڻ خلاف شهرين احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ورڪشاپ ڪالوني، سڪندرآباد ۽ لطيف آباد ڪالوني جي رهواسين   عبدالرشيد سولنگي، اسلم سيال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته وولِٽيج گهٽ وڌ ٿيڻ، ٽرانسفارمر سڙڻ ۽ تارون ڪرڻ سبب سندن نقصان ٿئي ٿو ۽ علائقا اڪثر بجلي کان محروم رهن ٿا.

هنن چيو ته سيپڪو عملي کي بار بار شڪايتون ڪرڻ باوجود  تدارڪ نٿو ڪيو وڃي، جنهن جي ڪري هو سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن.

شهرين مطالبو ڪيو ته ٽرانسفارمر ۽ پراڻيون تارون تبديل ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾سندن احتجاج جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*