مسلم ليگ نون نئين وزيراعظم طور شهباز شريف جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي
مسلم ليگ نون نئين وزيراعظم طور شهباز شريف جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي، حتمي فيصلو پارليماني پارٽي جي اجلاس ۾ڪيو ويندو، وزيراعظم هائوس ۾ نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل پارٽي جي غير رسمي اجلاس ۾ شهباز شريف جي نالي جي منظوري ڏني وئي آهي.
ذريعن موجب اجلاس ۾ شاهد خاقان عباسي، خرم دستگير، راڻا تنوير جي نالن تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو، جڏهن ته شاهد خاقان عباسي کي وقتي وزيراعظم بڻايو ويندو.
اجلاس ۾ چوڌري نثار علي، شهباز شريف، اياز صادق، خرم دستگير، خواجا سعد رفيق، عبدالقادر بلوچ، اسحاق ڊار سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ اٽارني جنرل اشتر اوصاف ۽ بئريسٽر ظفرالله نواز شريف کي رويو پٽيشن بابت بريف ڪيو.