پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عدالت جو فيصلو گهڻي وقت تائين ياد رکيو ويندو

Shah-Mehmood-Qureshi-101216

پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عدالت جو فيصلو گهڻي وقت تائين ياد رکيو ويندو، فيصلي طاقتور ۽ ڪمزور کي هڪ قطار ۾ بيهاري ڇڏيو آهي.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته هاڻي سڀني جو احتساب ٿيندو اسان جمهوريت کي ڪمزور ڪرڻ نٿا چاهيون.

شاهه محمود قريشي چيو ته عدليا تحريڪ کانپوءِ نظام مظبوط ٿيو آهي، پاناما ڪيس شروع ٿيڻ وقت چيو ويو ته اها سازش آهي.

پي ٽي آءِ اڳواڻ جهانگير ترين چيو ته رڳو 6 هفتن جي ڳالهه آهي، احتساب عدالت ۾ سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.

جهانگير ترين چيو ته سموري ڪٽنب کي ضمانت لاءِ احتساب عدالت وڄڻو پوندو، اي زيڊ اي ڪمپني انهن جي رڳو هڪڙي مني لانڊرنگ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*