سڪرنڊ ويجهو بازياب ڄاڻايل 11 هارين کي نوابشاهه جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو

nawabshah 11 haeri

سڪرنڊ ويجهو بازياب ڄاڻايل 11 هارين کي نوابشاهه جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو،عدالت کين مرضي جي زندگي گذارڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

سڪرنڊ ڀرسان ڳوٺ اڀوڙو لاکو مان سڪرنڊ پوليس عدالت جي حڪم تي 11 هارين کي بازياب ڪرائي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج  جي عدالت ۾ پيش ڪيو.

 عدالت هارين کي مرضي سان زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيندي پوليس کي هدايت ڪئي ته هارين کي سندن مرضي واري هنڌ پهچايو وڃي.

عدالت ۾ درخواست ڏيندڙ خيمو ڀيل ٻڌايو ته هو زميندار وٽ هاري هئا، جتي کين هارپي جو حساب نه ڏنو ويندو هو، علاج لاءِ به پئسا نه ڏنا ويندا هئا.

 هنن الزام هنيو ته زميندار رضا محمد لاکو جا ڀائيٽا ٻه مينهون ۽ هڪ پاڏو ڪاهي ويا آهن ۽ زميندار جي ماڻهن گاڏيون روڪرائي سندن سامان به کڻي ويا پر، پوليس خاموش تماشائي بڻيل رهي.

 بازياب ٿيل هارين ۾ لالو ڀيل، موهن، وزير، خيمو، شريمتي ماڌو ٻائي، شريمتي سکي، شريمتي ريشما ۽ پنج ٻار، گنيش، پريم، جمنا، انيتا ۽ سليم شامل آهن.

جڏهن ته الزام هيٺ آيل زميندار رضا محمد لاکو ۽ سندس والد حاجي سعيد لاکو الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته هارين کي سندن 50 هزار رپيا قرض ادا ڪري سرهاڙي مان هتي وٺي آيا هئا ۽ هنن جو جيڪو به فصل ٿيو آهي، ان جو حساب ڪتاب کين ڏنو ويو آهي.

هنن چيو ته هاري سندن زرعي دوائون ، مشينن جا اوزار ۽ ٻيو سامان به چوري کڻي ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*