سکر ۾ رائيس، دادو ۽ کيرٿر ڪئنالن جي متاثرن پاران متبادل جڳهه ۽ معاوضو نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي

sukkur map

سکر ۾ رائيس، دادو ۽ کيرٿر ڪئنالن جي متاثرن پاران متبادل جڳهه ۽ معاوضو نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪئي.

ڪئنال ايڪشن ڪميٽي پاران منٺار علي ميراڻي ۽ شيرمحمد ميراڻي جي اڳواڻي ۾ متاثرن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري بک هڙتال ڪري نعريبازي ڪئي.

احتجاج ڪندڙ متاثرن چيو ته اسان ٽنهي بئراجن جي ڪپن تان 50 فوٽ ايراضي ڇڏڻ لاءِ تيار آهيون پوءِ به انتظاميه اسان جا گهر ۽ دڪان ڊاهي رهي آهي.

متاثرن چيو ته متبادل پلاٽ يا معاوضو ڏنو وڃي ته اسان گهر خالي ڪرڻ لاءِ تيار آهيون.

متاثرن سان همدردي طور مختلف سياسي سماجي تنظيم جي ڪارڪنن بک هڙتال ۾ شرڪت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*