ڪراچي پوليس راشد منهاس روڊ مبينا مقابلي بعد ٻن ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي
ڪراچي پوليس راشد منهاس روڊ مبينا مقابلي بعد ٻن ڦورن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي.
پوليس موجب ٻئي ڦورو هڪ عورت کان ڦرلٽ ڪري رهيا ته ساڻن مقابلو ٿي پيو، جنهن دوران ٻنهي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل ڦورن وٽان هڪ موٽر سائيڪل ۽ هڪ ٽي ٽي پسٽل به هٿ ڪيو ويو آهي ۽ انهن کان پڇا ڳاڇا جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي.