وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ امن امان جو مسئلو رڳو صوبي جي اندروني حالتن سبب نه پر ٻين صوبن ۽ پرڏيهي ڪردار سبب هو،

Murad-Ali-Shah-Sindh-Rangers-Meeting-22417

وڏي وزيرسيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ امن امان جو مسئلو رڳو صوبي جي اندروني حالتن سبب نه پر ٻين صوبن ۽ پرڏيهي ڪردار سبب هو، نيب جون ڪارروايون صوبي کي مفلوج ڪرڻ لاءِ ڪيون، بدقسمتي اها آهي جو سپريم ڪورٽ وزيراعظم کي ته هٽائي ٿي پر نيب خلاف ڪارروائي نٿي ڪري.

هڪ ريڊيو ايف ايم تي عوامي رابطي دوران سوالن جا جواب ڏيندي مراد علي شاهه چيو ته ڪرپشن رڳو سنڌ ۾ ئي نه آهي صوبي کي مفلوج ڪرڻ لاءِ نيب ڪارروايون ڪيون، جنهن بعد مجبور ٿي قانون ٺاهڻو پيو.

هن چيو ته سنڌ ۾ امن امان جو مسئلو رڳو صوبي جي اندروني حالتن سبب نه پر ٻين صوبن ۽ پرڏيهي ڪردار سبب هو.

وڏي وزير چيو ته هنن پنهنجي سياسي ترجيع تحت امن امان جو مسئلو حل ڪيو آهي ۽ ان تي وڌيڪ ڪم جاري آهي.

مراد علي شاهه چيو ته ، پرويز مشرف ايمرجنسي جو فائدو وٺي صوبائي معاملي ۾ مداخلت ڪري نيب قائم ڪئي.

هن چيو ته هو وچ هنٽ خلاف آهن، هن وقت صوبي ۾ 12 وزير ۽ ڪيترن ئي صوبائي آفيسرن خلفا نيب ڪارروايون ڪري پئي، جن پريشان ٿي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي.

وڏزير وزير چيو ته جيتريون ڪارروايون سنڌ ۾ نيب ڪيون آهن ان جو مثال نٿو ملي، جيڪا صوبي کي مفلوج ڪرڻ جي هڪ سازش ۽ ٻي ڪنهن جي ايجنڊا آهي.

مراد علي شاهه چيو ته سنڌ ۾ امن امان جو مسئلو رڳو صوبي جي اندروني حالتن نه پر ٻين صوبن ۽ پرڏيهي ڪردار سبب هو، نيب جون ڪارروايون صوبي کي مفلوج ڪرڻ لاءِ ڪيون آهن.

هن چيو ته بدقسمتي اها آهي جو سپريم ڪورٽ وزيراعظم کي ته هٽائي ٿي پر نيب خلاف ڪارروائي نٿي ڪري، جڏهن ته پي ايم ۽ سي ايم کي دفتري ڪم ۾ مڪمل تحفظ حاصل آهي.

وڏزير وزير چيو ته ورلڊ بئنڪ جي ٽيم آگسٽ ۾ سنڌ ايندي ۽ صوبي جي سولر توانائي منصوبي ۾ مدد ڏيندي.

مراد علي شاهه  چيو ته کيس ڪاميابي ملي آهي ته اسپتالن ۾ دوائن جي کوٽ تي ضابطو آآڻڻ سان گڏ ۽ ڊاڪٽرن جي ڀرتي وارو عمل شروع ڪيو ويو آهي.

هن چيو ته صوبي ۾ بند پيل اسڪول ناليوارن تعليمي ادارن حوالي ڪيا ويندا جيڪي نگراني سان گڏ استادن جي پگهار به پاڻ ئي طئي ڪندا.

وڏي وزير چيو ته سنڌ ۾ ٻيو وڏو مسئلو بيروزگاري آهي، ان ۾ نوجوانن لاءِ سٺا موقعا ڏيڻ واري منصوبي تي ڪم جاري آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*