ملڪ ۾ غير سنجيده سياست ٿي رهي آهي مولانا فضل الرحمان

جـَي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته  ملڪ ۾ غير سنجيده سياست ٿي رهي آهي، ڏيڍ سال کانپوءِ ڌانڌلي جو شور مچائڻ ٻاراڻي سياست آهي، ڌرڻن سبب ملڪ کي جيڪو نقصان 40 ڏينهن اندر ٿيو، اهو چاليهن سالن جي ڪرپشن ۾ به نه ٿيو هوندو.

ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته قوم هن وقت ٻاراڻي سياست کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ ڌرڻن ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۾هڪ پارٽي اولهه جي ڪلچر کي هٿي وٺرائي پئي.

هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ڪميشن کان ڌانڌلين جي جاچ ڪرائي وئي ته ڪميشن رڳو ڪجهه تڪن نه پر سمورين چونڊن جو جائزو وٺندي، جيڪڏهن ڌانڌلي ثابت ٿي ته حڪومت سان گڏ رهڻ جو جواز نه رهندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ فضل الرحمان چيو ته مٿس حملو ڪندڙن کي وائکو ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، رياستي ادارن هن وقت تائين حملو ڪندڙن بابت ڪا رپورٽ ناهي ڏني.

مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته دهشتگردن تنظيمون پاڪستان نه پر آمريڪا جي ضرورت آهن.

جي يو آءِ سربراهه چيو ته نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ جي مقرري معمول موجب ٿي آهي، ڳجهي اداري جي سربراهه مان سٺيون اميدون رکڻ گهرجن.

قصور ۾ عيسائي جوڙي جي قتل بابت سوال جي جواب ۾ فضل الرحمان چيو ته ڪنهن کي به بي گناهه قتل ڪرڻ جوحق ناهي، عيسائي جوڙي جو قتل ڏوهه آهي،حڪومت کي ايڪشن کڻڻ گهرجي.

ٿر صورتحال بابت ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته ٿر جي صورتحال انتهائي خطرناڪ آهي، پيپلزپاٽي کي ذميواري کڻڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*