ميرپور خاص ويجهو گهرو اڻبڻت تان جوابدار ڪُهاڙي جا وار ڪري رُٺل زال کي قتل ڪري ڇڏيو

mirpurkhsa map

ميرپور خاص ويجهو گهرو اڻبڻت  تان جوابدار ڪُهاڙي جا وار ڪري  رُٺل زال کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته  ڇڏائڻ لاءِ آيل ساليءَ سخت زخمي ٿي پئي.

ڳوٺ راڻو شورو ۾ جوابدار پنهنجي سهري جي گهر ۾داخل ٿي ڪهاڙي جا وار ڪري رُٺل زال حمزُو ڪولهي کي قتل ڪري ڇڏيو.

 جڏهن ته ڇڏائڻ لاءِ آيل سندس ساليءَ شميءَ ڪولهي سخت زخمي ٿي پئي، عورت جي وارثن ڀٽ شاهه جي رهواسي جوابدار ناگجي ڪولهي کي سوگهو ڪري پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو.

ميرپورخاص جي تعلقي ٿاڻي جي پوليس لاش ۽ زخمي کي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان زخمي شميءَ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.

پوليس موجب مقتولا حمزُو 5 ٻارن جي ماءُ هئي، مڙس ناگجي کان ڪاوڙجي ڪجهه مهينن کان مائٽن جي گهر ۾ ترسيل هئي.

پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولا پنهنجي مڙس سان گڏ وڃن کان انڪار ڪيو، جنهن تان ڪاوڙجي جوابدار مٿس ڪهاڙي جا وار ڪيا.

 جوابدار ناگجي ڪولهي کي گرفتار ڪري مٿس قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويوآهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*