لاڙڪاڻي ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ، واڌو بل موڪلڻ،ٽرانسفارمر لاهڻ ۽ شهرين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ خلاف جي يو آءِ جي سڏ تي ڪارڪنن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو

larkana jui

لاڙڪاڻي ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ، واڌو بل موڪلڻ،ٽرانسفارمر لاهڻ ۽ شهرين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ خلاف جي يو آءِ جي سڏ تي ڪارڪنن ۽ شهرين احتجاجي مظاهرو ڪري سيپڪو آفيس آڏو ڌرڻو هنيو.

جي يو آءِ اڳواڻ ناصر محمود سومرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهرين ۽ ڪارڪنن احتجاجي مظاهرو ڪري سيپڪو آفيس آڏو ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي ناصر محمود سومري چيو ته سيپڪو عملدارن شهر ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪرڻ سان گڏ واڌو بل موڪلي شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته سيپڪو خلاف احتجاج ڪرڻ تي شهرين خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا ويا آهن.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته شهر مان هٿرادو لوڊشيڊنگ، واڌو بل ۽ شهرين تي داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري سيپڪو عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سکر ۾ سيپڪو چيف آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

عوامي اتحاد اڳواڻ معظم خان عباسي ۽ ٻين اڳواڻن همدردي طور ڌرڻي ۾ شرڪت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*