هنگري جي شهر بڊاپسٽ ۾جاري سوئيمنگ جي عالمي مقابلن ۾ آمريڪا جي سائيليب ڊريسل بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪندي

hungary swiming

هنگري جي شهر بڊاپسٽ ۾جاري سوئيمنگ جي عالمي مقابلن ۾ آمريڪا جي سائيليب ڊريسل بهترين ڪارڪردگي جومظاهرو ڪندي مختلف ڪيٽگريز ۾ ست گولڊ ميڊل حاصل ڪري رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي.

هنگري جي شهر بڊاپسٽ ۾ جاري سوئيمنگ جي عالمي مقابلن ۾مختلف ملڪن جي نمائندگي ڪندڙ سوئيمرز جي وڏي انگ مختلف ڪيٽگريز ۾شاندار ڪارڪردگي جومظاهرو ڪندي ڪاميابيون حاصل ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون.

آمريڪاجي سائيليب ڊريسل فري اسٽائل، بٽرفلاءِ ۽چار ضرب هڪ سو ميٽر جي ايونٽ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري مجموعي طورتي ايونٽ ۾ ست گولڊ ميڊل حاصل ڪري مائيڪل فيلپس جو رڪارڊ ٽوڙي نئون رڪارڊ قائم ڪيو.

ايونٽ ۾ آمريڪي سوئيمرزجي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي رهي،جن کي سڀني ڪيٽگريز ۾ برتري حاصل آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*