پنجاب جي علائقي ملتان ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي 7 منشيات فروشن کي گرفتار ڪري ورتو

Multan

پنجاب جي علائقي ملتان ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي 7 منشيات فروشن کي گرفتار ڪري ورتو، جن وٽان منشيات ۽ ٻيو سامان هٿ ڪيو ويو آهي.

ملتا جي مختلف علائقن ۾ پوليس سرچ آپريشن دوران 7 منشيات فروشن کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب، حراست ۾ ورتل منشيات فروشن وٽان 66 ليٽر شراب، هڪ سئو 15 گرام هيروئن ۽ 16 سئو 80 گرام چرس هٿ ڪئي وئي آهي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران چئن لغڙ وڪرو ڪندڙ جوابدارن کي کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي، جن وٽان 80 لغڙ هٿ ڪيا ويا آهن.

ٻي طرف ملتان ۾ ڊپٽي ڪمشنر نادر چٺا جي هدايت تي گلشن مارڪيٽ ۽ شاهه رڪن عالم حددخليون هٽائڻ لاءِ گرينڊ آپريشن ڪيو ويو.

آپريشن دوران حددخليون هٽايون ويو، جنهن دوران ميونسيپل ڪارپوريشن، سول ڊفينس ۽ پوليس جي وڏي نفري موجود هئي.

اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته ٽن ڏينهن دوران آپريشن ڪري رستن تان حددخليون هٽايون ويون آهن……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*