ڀارت ۾ مسلمانن ۽ دلتن تي حملن خلاف ڀارتي فوج جا رٽائرڊ آفيسر به ميدان تي لهي آيا آهن

indian soldier

ڀارت ۾ مسلمانن ۽ دلتن تي حملن خلاف ڀارتي فوج جا رٽائرڊ آفيسر به ميدان تي لهي آيا آهن، ڀارتي وزيراعظم کي لکيل کليل خط ۾ ڀارتي رٽائرڊ فوجين چيو آهي ته ملڪ جي موجوده صورتحال ملڪ کي ورهاڱي طرف وٺي وڃي رهي آهي.

ڀارتي فوج جي ريٽائرڊ فوجين ملڪ ۾ وڌندڙ انتهاپسندي ۽ ان کي هٿي ڏياريندڙن خلاف ميدان تي لهي آهن، ملڪ ۾ مسلمانن ۽ خراب حالتن خلاف حڪومت کي خط لکيو آهي.

ڀارتي فوج جي ريٽائرڊ فوجين خط ۾ چيو آهي ته مسلمانن ۽ دلتن تي حملا مذمت جوڳا آهن.

ريٽائرڊ فوجين چيو آهي ته مسلمانن ۽ دلتن تي حملن سبب ملڪ جون حالتون ورهاڱي طرف وڃي رهيون آهن، جنهن کي روڪڻ لاءِ قدم نه پيا کنيا وڃن.

ڀارتي ريٽائرڊ فوجين خط ۾ چيو آهي ته صورتحال تي حڪومت جي خاموشي به مذمت جوڳي آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*