سنڌو درياءَ جي پاڻي سطح ۾ چاڙھ سبب گڊو بئراج وٽ ننڍي ٻوڏ برقرار آهي

Sukkur-Gudhu

سنڌو درياءَ جي پاڻي سطح ۾ چاڙھ  سبب گڊو بئراج وٽ ننڍي ٻوڏ برقرار آهي، ڪنٽرول روم جي انچارج موجب گڊو بئراج وٽ مٿانھون وھڪرو 2 لک 41 ھزار 699 ۽ ھيٺانهون وھڪرو 2 لک 11 ھزار 424 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

 ڪنٽرول روم جي انچارج جو چوڻ آهي ته سکر بئراج وٽ مٿانهون وھڪرو هڪ لک 97 ھزار 881 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانهون وھڪرو هڪ لک 44 ھزار 81 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

انچارج موجب ڪوٽڙي بئراج وٽ مٿانھون وھڪرو هڪ لک هڪ ھزار 250 ڪيوسڪ ۽ ھيٺانھون وھڪرو 65 ھزار 495 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*