ٺاروشاهه ۽ نصيرآباد ۾ يوسي چيئرمين ۽ ڪائونسلر جي سيٽ لاءِ ننڍي چونڊ سلسلي ۾ پولنگ جو عمل جاري آهي

electionٺاروشاهه ۽ نصيرآباد ۾ يوسي چيئرمين ۽ ڪائونسلر جي سيٽ لاءِ ننڍي چونڊ سلسلي ۾ پولنگ جو عمل جاري آهي، سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

ٺاروشاهه جي يوسي مولهڻ جي چيئرمين جي سيٽ لاءِ  پ  پ  اميدوار حسنين وسطڙو ۽ آزاد اميدوار اورنگزيب  وسطڙو ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي، سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن.

نصيرآباد ٽائون ڪاميٽي جي وارڊ نمبر 7  تي ڪائونسلر جي سيٽ لاءِ ووٽنگ جو عمل جاري آهي، پ پ اميدوار راجا وسيم شيخ ۽ آزاد اميدوار ڪامريڊ جميل احمد  شيخ  ۾  مقابلو ٿي رهيو آهي،  جنهن ۾943 ووٽر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن.

ٺاروشاهه ۽ نصيرآباد ۾ ننڍي چونڊ سلسلي ۾ سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن، پولنگ جو عمل شام 5 وڳي تائين جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*