ڀان سيدآباد ويجهويونين ڪائونسل جهانگارا جي ڳوٺاڻن پيڻ جي پاڻي جي اڻهوند خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

bhan syedabad

ڀان سيدآباد ويجهويونين ڪائونسل جهانگارا جي ڳوٺاڻن پيڻ جي پاڻي جي اڻهوند خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري  ڌرڻو هنيو.

ڳوٺاڻن آزاد غفور نوحاڻي، عبدالستار ،  ذوالفقار جوکيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾جهانگارا باجارا روڊ تي مظاهروڪيو۽ ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي.

 ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته جهانگارا يونين ڪائونسل مان اربين رپين جو تيل ۽ گئس نڪري ٿو، پر يو سي جارهواسي پيئڻ جي پاڻي جي سهولت کان به محروم آهن.

هنن چيو ته جهانگارا ۽ آسپاس جي رهواسين کي پيئڻ جوپاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ سيوهڻ وڃڻو پوي ٿو.

 ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته  پاڻي فراهم ڪري ٻيون بنيادي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*