پاڪستان ۽ افغان ڪرڪيٽ بورڊ جي وچ ۾ تڪرار شدت اختيار ڪري ويو آهي

pak afghan cricket

پاڪستان ۽ افغان ڪرڪيٽ بورڊ جي وچ ۾ تڪرار شدت اختيار ڪري ويو آهي، افغانستان بورڊ جي چيئرمين عاطف مشال معافي گهرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

لاهور ۾ منعقد ٿيل پي سي بي جي گورنگ بورڊ جي اجلاس ۾طئه ٿيو ته جيستائين افغانستان پنهنجا الزام واپس وٺي معافي نٿو وٺي تيستائين افغانستان سان ڪرڪيٽ جا لاڳاپا بحال نه ٿيندا.

پاڪستان ۽ افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ وچ ۾ ڪجهه هفتا پهرين ڪيترائي معاهدا ٿيا، پر پاڪستان مٿان الزام مڙهيا ۽ڪرڪيٽ جي لاڳاپن جو بائيڪاٽ ڪيو،جنهن بعد ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪرڪيٽ جا لڳاپا ختم ٿي ويا.

پي سي بي جي تازي فيصلي تي افغان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين عاطف مشال هڪ بيان ۾ چيو ته پاڪستان سميت سمورن ڪرڪيٽ بورڊز سان لاڳاپا قومي مفاد ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهي ۽ هو سمجهي ٿو ته ڪنهن کان به معافي گهرڻ جي ضرورت نه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*