پنجاب جي سرگوڌا واري علائقي ۾ ڊرائيور بيهڻ جو اشارو ڪندڙ پوليس اهلڪارن مٿان ڪار چاڙهي هڪ اهلڪار کي چيڀاٽي ڇڏيو

Accident-Road-27217

پنجاب جي سرگوڌا واري علائقي ۾ ڊرائيور بيهڻ جو اشارو ڪندڙ پوليس اهلڪارن مٿان ڪار چاڙهي هڪ اهلڪار کي چيڀاٽي ڇڏيو، لاهور ۾ بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ماءُ، پيءُ ۽ پٽ فوت ٿي ويا.

لاهور جي رائيونڊ واري علائقي ۾ گهر اندر بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب ماءُ، پيءُ ۽ پٽ فوت ٿي ويا.

ريسڪيو ٽيمن ٽنهي ڄڻن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيا.

ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل شخص گورنمينٽ پوسٽ گريجوئيٽ گرلز ڪاليج جو سڪيورٽي گارڊ هو.

ريسڪيو ذريعن موجب، گهر جو اڏاوتي ڪم هلي رهيو ته سڪيورٽي گارڊ بجلي جا تارن سان ٽڪرئجي ويو.

ٻي طرف سرگوڌا ۾ ڊرائيوربيهڻ جو اشارو ڏيندڙ پوليس اهلڪار مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار فوت ٿي ويو، جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو.

حادثي ۾ فوت ٿيل پوليس اهلڪار جو لاش ۽ زخمي کي سرگوڌا اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ آهي ته اهلڪار ناڪي وٽ ڪار کي بيهڻ جو اشارو ڏنو پر ڊرائيور ڪار نه روڪي…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*