نواز ليگ اڳواڻ حنيف عباسي جي درخواست تي تحريڪ انصاف جي پارٽي فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي

haneef abbasi

نواز ليگ اڳواڻ حنيف عباسي جي درخواست تي تحريڪ انصاف جي پارٽي فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي، وڪيل انور منصور خان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن هڪ ڀيرو درست قرار ڏنل فنڊس جي ٻيهر جاچ پڙتال ڪري نه ٿي سگهي، چيف جسٽس چيو آهي ته پوليٽيڪل پارٽيز ايڪٽ ۽ عوامي نمائندگي ايڪٽ تحت اليڪشن ڪميشن کي جاچ پڙتال جو اختيار آهي

سپري ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ حنيف عباسي جي درخواست تي پي ٽي آءِ فنڊنگ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

چيف جسٽس  چيو ته هو اميد ڪري ٿو ته انور منصور صاحب اوهان جي طبعيت بهتر هوندي جنهن تي عمران خان جي وڪيل چيو ته دستاويز جمع ڪرايا آهن پر گهڻو دير تائين بيهي نه ٿو سگهان، لکت ذريعي سوالن جا جواب ڏئي چڪو آهيان.

چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان چئو ٿا ته اليڪشن ڪميشن پابندي مڙهيل فنڊن تي فيصلو نه ٿي ڪري سگهي.

انور منصور چيو ته ها بلڪل اليڪشن ڪميشن اهو ڪيس نه ٿي ٻڌي سگهي، پوليٽيڪل پارٽيز آرڊر 2002ع ۾ سمورو قانون تبديل ڪيو ويو هو.

چيف جسٽس چيو ته ڇا اوهان چئو ٿا ته اڪائونٽ رپورٽ بعد اليڪشن ڪميشن اڪائونٽس نه ٿي ڏسي سگهي جنهن تي انور منصور چيو ته منهنجو موقف آهي رپورٽ جمع ڪرائڻ بعد آڊٽ نه ٿي سگهي.

جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن ٻاهر کان فنڊ اچي وڃن ته پوءِ ڇا اي سي پي جاچ ڪري سگهي ٿي.

عمران خان جي وڪيل انور منصور ٻڌايو ته قانون تحت اٿارٽي موجود نه آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته آرٽيڪل 17 ۾ هر سياسي جماعت پنهنجو پاڻ چئي رهي آهي فنڊز جو حساب ڏيندي. ان معاملي تي اليڪشن ڪميشن جاچ نه ٿي ڪري سگهي. رول نمبر 6 پڙهي وٺو.

جسٽس فيصل عرب چيو ته اوهان چئي رهيا آهيو ته سڄي ذميواري آڊيٽر جي آهي، ڪا جماعت تفصيل لڪائي به سگهي ٿي، جنهن تي ڪا پڇاڻو نٿو ٿي سگهي؟

عمران خان جي وڪيل انور منصور چيو ته سڀني کي حساب ڏيڻو آهي، اسان به حساب ڏنو آهي.

چيف جسٽس پڇاڻو ڪندي چيو ته قبوليت اپليڪشن  آف مائينڊ تي آهي، ڇا قبولڻ جو ثبوت اهو آهي ته چونڊ نشان الاٽ ڪيو وڃي؟ ڇا هر سال اوهان کي چونڊ نشان نه ملندو آهي، ڇا چوندو؟

انور منصور چونڊ نشان هر واپس به وٺي سگهجي ٿو، هاڻ ڪجهه عرصو اڳ تحريڪ انصاف جو چونڊ نشان واپس ورتو ويو هو.

چيف جسٽس چيو جڏهن پڇيو ويندو آهي ته پيسا ڪٿان آيا ته اوهان چوندا آهيو، تفصيل ڏئي ڇڏيا آهن، اڪائونٽ منع ٿيل فنڊنگ آئي، ان جي جاچ ڪنهن کي ڪرڻي آهي؟ آرٽيڪل 184/3 ۾ جاچ اسان کي پاڻ ڪرڻي آهي يا ڪو ٻيو فورم موجود آهي.

انور منصور چيو ته اسان پارٽي فنڊنگ بابت سمورا تفصيل جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، عدالت ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*